پيرزادو   رحمت الله

پيرزادو رحمت الله

پيرزادو رحمت الله

پيرزادو، رحمت الله: هن نوجوان شاعر جو نالو رحمت الله پيرزادو آهي ۽ گيت جي نامياري شاعر مير محمد پيرزادي جو فرزند آهي. هن پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر انجنيئرنگ: 2008) ۽ ايم. اي (سنڌي: 2009) اٿس. هو واٽر مئنيجمينٽ ڊپارٽمينٽ ۾ واٽر مئنيجمينٽ آفيسر آهي. نوجوانن ۾ سٺو شاعر شمار ٿئي ٿو، جديد شاعريءَ بابت سندس ڪافي مقالا مهراڻ، امرتا ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’ڪليسا جي دريءَ مان‘ (2005ع) ۽ ”ڪئنڊل لائيٽ“ (نثري نظم: 2008) ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.02.01  عيسوي

رحمت الله پيرزادو پهرين فيبروري 1978ع تي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي حقير ابن مڱڻ
حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
آخوند عبدالقادر بيدل
علي ناصر ڌاريجو
مجازي جروار
اياز امر شيخ
الطاف عاصي ڊاڪٽر
تنها اصغر
زين العابدين ٺٽوي سيد
سدارام ڀڳت
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون